رائڌڻ منڌرو

رائڌڻ منڌرو: لاڙ جي منڌرن تاجن منڌري جي موت کانپوءِ سندن سردار راڌڻ منڌري کي پنهنجو سردار چونڊيو هو. ڀائرن ۾ نااتفاقي ڏسي، راڌڻ منڌري به سرڪشي ڪئي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي مٿس حملو ڪيو. بدين کان اٺ ميل ڏکڻ اوڀر طرف راڌڻ منڌري جو ڪوٽ هو، جيڪو ميان غلام شاهه تباهه ڪرائي ڇڏيو. راڌڻ منڌري جي ڪوٽ جا آثار، بدين کان ٻارهن ميل پري اڃا به موجود آهن. ڪوٽ جي دڙي کي ’مالهين جو دڙو‘ چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو